سليمان هندي فقير

سليمان هندي فقير: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي پنهنجي ڪتاب ’صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر‘ ۾ لکي ٿو ته خليفو سليمان هندي فقيرن جو اڳواڻ هو، جيڪي پنج سو هندي فقير جٿي جي صورت ۾ سندس اڳواڻيءَ ۾ صوفي شاهه عنايت وٽ ميرانپور ۾ آيا هئا. سڀئي هندي فقير هن بزرگ جي اڳواڻيءَ ۾ رهندا هئا. انيس السالڪين جو صاحب لکي ٿو ته هي بزرگ اهڙو ته مجاهديءَ جو صاحب هو، جو هڪ هنڌ واريءَ تي وڃي ويهندو هو ته واري مٿانئس وسي دڙا ٿي ويندي هئي. هي خليفو آخر پنهنجي ٻين فقيرن سان گڏ 1130 هه/ 1717ع ۾ شهيد ٿيو.


لفظ سليمان هندي فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو